عشق آزاد آ (ڪتاب)

عشق آزاد آ (ڪتاب)

عشق آزاد آ ڪتاب

عشق آزاد آ (ڪتاب): هي ڪتاب شاعر مسيح مگسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، وائي، بيت، گيت ۽ نثري نظم شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا شاعر پنهنجي والد ۽ والده کي ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ اداري پاران ‘ماٺ ۾ ماتام آ’ جي عنوان سان سعيد سومري، مهاڳ ‘لفظ نه وچڙيا واچوڙن ۾’ عنوان سان ايوب کوسي، شاعر پاران ‘وچ سمنڊ بتيلا’ عنوان سان مسيح مگسيءَ ۽ تعارف ‘سڄو ديس اوندهه آ’ عنوان سان معصوم سنڌيءَ لکيو آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل نامور اديب غلام حسين رنگريز لکيو آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران نومبر 2007ع ۾ ڇپيو. 176 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو